اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات ??اب?? اس??ينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته آزادي صحافت تي ڪنهن قسم جو پابندي نه لڳڻ گهرجي، صحاف??ن جي تحفظ جي بل ۾ ميڊيا ورڪرز جي تعريف ۾ ڪئميرا مين ۽ ڊرائيورز کي به شامل ڪرڻ گهرجي، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ورڪرز جي تحفظ لاءِ ??دم کڻڻ لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات ??اب?? اس??ينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر عرفان صديقي سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ صحاف??ن جي تحفظ جي بل تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اسان پهرين به اهڙو بل آڻي چڪا آهيون جنهن جو مقصد صحاف??ن جي شڪايت جي ازالي لاءِ ??ڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ هو، هن چيو ته ص??افتي تنظيمن کي ڪميٽي جي اجلاس ۾ گهرايو ويندو، هن چيو ته حڪومت سمورن صحافين ۽ عام ماڻهن کي صحت ڪارڊز جي ذريعي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اسان سنڌ ۾ به ص??ت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته ڪميٽي پهرين ئي تجويز ڏئي چڪي آهي ته موجوده قانونن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي، اسان ميڊيا يونينز ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي گڏجاڻي لاءِ گهرائينداسين، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ورڪز جي تحفظ جي لاءِ ??دم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته حڪومتي کاتن طرفان جيڪي به ادائيگيون ميڊيا کي اشتهارن جي مد ۾ ٿيڻون آهن، ان جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ميڊيا مالڪن ايترو منافعو ڪمائي رهيا آهن ته ميڊيا ورڪرز جون پگهارون به وڌڻ گهرجن، هن اجلاس کي ٻڌايو ته پي ٽي وي اس??ورٽس کي ايڇ ڊي ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اسان کي صحافين لاءِ ??ائديمند ميڪنزم بڻائڻ جي ضرورت آهي، سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ان ترميم جي ذريعي جيڪا به ڪميشن ٺهي ان کي بااختيار ڪيو وڃي، هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي ۽ بهتري جو خيال رکڻ گهرجي.