اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انصاف، پارليامينٽ ۽ ايگزيڪيٽو کانپوءِ احتساب رياست جو اهم مقصد بڻجي چڪو آهي، احتساب طاقتور ۽ وڏي ماڻهو کان شروع ٿيڻ گهرجي، نئين تاريخ بڻجي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ احتساب غير سياسي بنيادن تي اڳتي وڌي رهيو آهي، نيب قانون موجب جنهن تي ا??زام لڳندو آهي اهو ثابت ڪندو آهي ته منهنجي دولت جائز آهي يا ن??ب جو الزام درست آهي، قومي احتساب بيورو اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن تي رد عمل ڏيڻ ڇڏي ڏي، هر شيءَ کي خبر بڻائڻ اخبار جو ڪلچر بڻجي چڪو آهي، دنيا ۾ احتساب جمهوري حڪومتن جي ق??ام کانپوءِ آيو پر سڀ کان پهرين مسلمانن لاءِ احتساب جو نظام حضور صه جي دور ۾ شروع ٿيو، مديني جي رياست هر مسلمان جو خواب آهي. هو بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي مو??عي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.