اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڀارتي لوڪ سڀا ۾ منظور ڪيل تڪراري شهريت بل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي اهڙي قدم سندس اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڪابينا مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو معاملو ڪابينا جي ذ??لي ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو، حڪومت ذ??لي ڪميٽي جي سفارشن ۽ ٺوس سببن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندي، وزيراعظم سزا يافته ۽ فرار ٿيل ما??هن جي ميڊيا بيانن جي تدارڪ لاءِ پيمرا سميت سمورن لا??اپيل ڌرين جي مشاورت سان لائحه عمل جوڙڻ لاءِ قانون ۽ انصاف واري وزير کي خصوصي هدايتون ڏنيون، ڪابينا جي سڪوڪ بانڊز ۽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تي خدشن تي ٻئي سمريون واپس ورتيون ويون، حڪومت پهرين 15 مهينن ۾ سوئي گئس، بجلي، زراعت، فرٽيلائيزر جي شعبي ۾ 401 ارب جي سبسڊي ڏني آهي، وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر جي سمورين اسپتالن کي اسٽيٽ آف دي آرٽ ادارن ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڏني. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا ڀارتي لوڪ سڀا طرفان شهريت بابت قانون سازي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي قانونسازي ڀارتي سرڪار جي نام نهاد لبرل ازم جو پردو لاهي ڇڏيو آهي ۽ اهو آر ايس ايس نظرئي جي واڌ جي ايجنڊا جو عملي مثال آهي