اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ع??م ماڻهو کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ عوام سان ظلم آهي، ملاوٽ جي نتيجي ۾ سنگين مرضن جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، ملاوٽ ??ي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، ملاوٽ ڪندڙ عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، اهڙن عنصرن ??ي خلاف ڀرپور ايڪشن کنيو وڃي، وڏن شه??ن ۾ ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي ??ي خاتمي تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين (اٽو، گيهه، کنڊ، دالين، ڀاڄي وغيره) جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو