اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته پاڪستان جو ڏک اسان جو ڏک، پاڪستان جي خوشي اسان جي خوشي آهي، ترڪي ڪشمير مسئلي جي پرامن ۽ ڳالهين جي ذريعي حل جي موقف تي قائم رهندو، ڪشمير مسئلي جو حل طاقت يا ڏاڍ جي پاليسين س??ن نه پر انصاف ۽ حقيقتن جي اصولن س??ن ممڪن آه??، پاڪستان س??ن ازل کان جاري اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا قيامت تائين قائم رهندا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان پاڪستان س??ن آئنده به تعاون جاري رکنداسين، سرحدون ۽ فاصلا مسلمانن جي دلين جي وچ ۾ ديوار نٿا بڻجي سگهن، سڄي دنيا جي مسلمانن جي ڏک درد ۾ شر??ڪ ٿيڻ ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلم جي خلاف انهن جو ساٿ ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي، اسان جو ايمان آهي ته ظلم جو مقابلو نه ڪرڻ ظلم ڪرڻ جي برابر آهي، مسلمان امت دهشتگردي، جنگين، مذهب پرستي، مفلسي ۽ غربت جي بار هيٺيان دٻيل آه??، پاڪستان ترڪي ۽ خوشحالي جي سفر طرف روان دوان آهي، اقتصادي ترقي جو عمل ڏين??ن ۾ نٿو اچي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو ته مون پاڪستان جي عوام جي معزز نمائندن جي موجودگي ۾ پنهنجي سمورن ڀينرن ۽ ڀائرن کي وڏي عزت ۽ احترام سان محبت جو سلام پيش ڪريان ٿو