??سل??م آباد – 29 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ دوحه معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو معاهدو چئن ڏهاڪن کان جاري جنگ جي خاتمي، مفاهمتي عمل ۽ افغان عوام جي مص??بتن جي خاتمي جي شروعات آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظ?? چيو ته مون سدائين افغان مسئلي جي سياسي حل ج?? ڳالهه ڪئي جيڪو امن جو واحد بامعنيٰ رستو آهي.