تشدد جي تازي لهر ڀارت جو فاشسٽ چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي: عائشه فاروقي
APP55-10
ISLAMABAD: March 10 - Foreign Office Spokesperson Ms Aisha Farooqui said during a panel interview with APP, the August 5 illegal act of annexation of Indian Occupied Jammu and Kashmir (IOJ&K) and the recent spate of violence against Muslims by extremist Hindus exposed the real fascist face of India. The Foreign Office spokesperson, while referring to the reaction of global community on India's unilateral act of revoking the special status of occupied Jammu and Kashmir and gross human rights violations, said the world had not bought the stance of the Narendra Modi government that it was its internal matter. (Match the picture with interview slugged India's real fascist face, Hindutva ideology stand exposed: Spokesperson already been released). APP photo by Afzaal Chaudhry
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان عائشه فاروقي چيو آهي ته گذريل سال 5 آگسٽ جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن ۽ هندو انتهاپسندن پاران مسلمانن جي خلاف تازي تشدد جي لهر ڀارت جو حقيقي فاشسٽ چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڪشمير جو معاملو يورپي يونين، آمريڪي ڪانگريس، برطانيا، فرانس ۽ سوئيڊن سميت مختلف ملڪن جي پارليامينٽس ۾ بحث هيٺ آندو ويو آهي، دنيا تسليم ڪيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو ڀارت جو اندروني معاملو نه آهي، سڄي دنيا جون اهم اخبارون ۽ نيوز چينلز روزاني جي بنياد تي حيرت انگيز انڊيا ۾ اقليتن ۽ ڪشميرين تي ڀارتي ظلم بي نقاب ڪري رهيون آهن. اي پي پي ويب ٽي وي کي خصوصي انٽرويو ۾ پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير گذريل 220 ڏينهن کان مڪمل طور لاڪ ڊائون ۾ آهي.