اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ چين جي تعاون تي ٿورائتا آهيون جنهن ضروري طبي سامان جي فراهمي ??ان گڏوگڏ پنهنجا تجربا ا??ان ??ان شيئر ڪيا، پاڪستاني شهرين جي لاءِ چين جي امداد کي ساراهيون ٿا، چيني ڊاڪٽرن جو اچڻ اهم آهي ڇو ته پاڪستان ڪرونا وائرس جي مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ طبي عملي جي تربيت شروع ڪري رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳ??له??ئيندي هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت صحت جا شعبا به هڪ ٻئي ??ان تعاون جاري رکندا، اميد آهي ته پاڪستان جا طبي ماهر چيني ڊاڪٽرن کان وبا کي روڪڻ جي لاءِ انهن جي تجربن مان سکندا.