اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ??سد عمر چيو آهي ته ڪورونا وبا ۾ ڊاڪٽرز جي مشوري ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد مشڪل ڪم نه آهي، ايس او پيز تي عمل ٿيندو ته ڪاروبار به هلندو ۽ ماڻهو به صحتمند رهندا. اسلام آباد ۾ اين ڊي ??يم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ ??نرل محمد افضل سان گڏ اين آءِ ايڇ ۾ نئين تعمير ٿيل آئيسوليشن اينڊ اسپيشل ڊپارٽمينٽ ??ينٽر جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير ??سد عمر چيو ته ڪورونا بابت صورتحال ۾ ترتيبوار بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ 40 ڏينهن ۾ آئسوليشن اسپتال مڪمل ڪئي وئي آهي، اسان جون تياريون مڪمل آهن، ??يندڙ هفتي وزيراعظم آئسوليشن اسپتال جو افتتاح ڪندو.