اسلام آباد – 30 جولاءِ (ا?? پي پي) سينيٽ دهشتگردي جي خاتمي بابت ترميمي بل 2020ع ۽ گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ وفاقي گهرو وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي ايڪٽ 1997ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع تي اسٽينڊنگ ڪمي??ي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. سينيٽ رٿ جي م??ظوري ڏني جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو، چيئرمين شقوار منظوري لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ پرڏيهي وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته گڏيل قو??ون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ايڪٽ 1948ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع اسٽينڊنگ ڪمي??ي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. ايوان رٿ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو. چيئرمين شقوار منظوري لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.