اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته عالمي برادري ڀارت جو والاريل ڪشمير جو گهيراءُ ختم ڪرائي، ڀارتي فوج کي والاريل واديءَ مان ڪڍڻ، ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي پابندي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڪشميرين جي جان ڇڏي، پاڪستان ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، مون کي پڪو يقين آهي ته ڪشميرين جون قربانيون رنگ لائينديون، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين جي آزادي جو سج اڀرندو، ڀارت س??ائين ڳالهين کان انڪار ڪيو آ??ي، پاڪستان سدائين امن جي راهه اختيار ڪئي آهي جڏهن ته ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آ??ي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ج?? استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر ??يو ته اڄ اهم ڏينهن آهي، استحصال جو ڏهاڙو ملهائن جو مقصد ڪشمير جي حوالي سان اسان جي بيانيي کي عالمي دنيا تائين پهچائڻ آهي ۽ دنيا کي اهو پيغام ڏيڻو آ??ي ته ڪشمير تڪرار ت?? اسان سڀ متحد آهيون. هن ??يو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي خطرناڪ قدم کنيو، ڪشمير کي جيل خانو بڻايو ويو، ڪشميرين تي ظلم ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. هن ??يو ته رياستي دهشتگردي جي ذريعي ڪشميرين تي انسانيت سوز ظلم ڪيا پيا وڃن، اسان ڪشميري ڀائرن جي پرامن جدوجهد ۽ انهن تي ظلم کي هر فورم تي اجاگر ڪيو آ??ي ۽ اهڙي طرح اجاگر ڪندا رهنداسين. هن ??يو ته علامه اقبال پنهنجي شاعري ذريعي ڪشميرين جي خراب حالت بيان ڪئي هئي جڏهن ته هاڻي ان ظلم ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي ويو آ??ي، ڪشميري مظلوم، محڪوم ۽ مجبور بڻجي رهجي ويا آهن.