پشاور – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته صوبن طرفان ??ين ايف سي ايوارڊ ۾ ٽي سيڪڙو قبائلي ضلعن لاءِ مختص ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر هاڻي بدقسمتي ??ان ان واعدي تان ڦري ويا آهن جيڪا قبائلي ضلعن ??ان زيادتي آهي. ضلعي مهمند ۾ ناحقئي سرنگ ۽ شيخ زيد روڊ جي افتتا?? جي موقعي تي ضلعي جي چڱن مڙسن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ا??ان جي حڪومت جو نظريو مديني جي رياست آهي، جيتوڻيڪ يتمن، غريبن، بيواهن ۽ ڪمزورن جي بهتري مديني جي رياست جي طرز جي رياست جي اولين ذميداري هوندي آهي تنهن ڪري ان ??ميداري جي تڪميل لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻڻ کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ا??ان جي سمورين پاليسين جو محور ڪمزور طبقن جي بحالي آهي تنهن هوندي به ان ??ان گڏوگڏ ا??ان جي ??ظريي جو هڪ نڪتو اهو به آهي ته خوشحالي جي سفر ۾ سمورن علائقن کي هڪجهڙي ترقي ڏيڻ گهرجي.