اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آڪٽوبر جو مهينو هر سال ڇاتي جي ڪينسر جي آگاهي جي مهيني جي طور تي ملهايو ويندو آهي، ميڊيا ۽ پارليامينٽ جا ??يمبر ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ڇاتي جو ڪينسر ??ر سال لکين عورتن جي جان وٺندو آهي، ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڇ??تي جي ڪينسر جي حوالي سان ميڊيا ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي موڪليل خط ۾ ڪيو. صدر چيو ته آڪٽوبر جو مهينو هر سال ڇاتي جي ڪينسر جي آگاهي جي مهيني جي طور تي ملهايو ويندو آهي، ميڊيا ۽ پارليامينٽ جا ??يمبر ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.