اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته افغان امن عمل ۽ ڳالهين کي نه رڳو پاڪستان جي حڪومت پر عالمي برادري به سار??هي?? آهي، ان عمل کي انتهائي احتياط سان پڄاڻي تائين پهچائڻ جي ضر??رت آهي، تاريخ جو سبق اسان کي اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي غلطين کي صحيح ڪرڻ جو سبق ڏيندو آهي، پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي گڏجي بحر عرب کي وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ اقتصادي ??رقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو، هو پاڪ افغان و??پار ۽ سيڙپڪاري جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن جي فورم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.