وزيراعظم جمعي تي علامه اقبال انڊسٽريل سٽي جو افتتاح ڪندو
اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن سي پيڪ تحت فيصل آباد ۾ ٺهندڙ جديد ترين علامه اقبال انڊسٽريل سٽي جو افتتاح ڪندو، جنهن ۾ غير ملڪي ۽ مقامي سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون ميسر اينديون ۽ ملڪ ۾ معاشي سرگرمين کي فروغ حاصل ٿيندو.