اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت ملڪي ۽ مخالف ڌر ذاتي مفادن ۾ ترميمون چاهي ٿي، حڪومت ڪنهن کان بليڪ ميل نه ٿيندي، مخالف ڌر پاڪستان جي خيرخواهه آهي ته ملڪي مفاد ۾ قومي اسيمبلي ۾ متعارف ڪرايل بلز جي حمايت ڪري، ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو، گري لسٽ مان ڪڍڻ يا رهڻ جو فيصلو آڪٽوبر ۾ ٿيندو، ڪنهن کي رعايت ڏيڻ جو مقصد نه آهي جيڪو ڪندو اهو ڀريندو، عمران خان 22 سالن کان ڪرپشن جي خلاف جدوجهد ڪري رهيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي قائد سان 2013ع ۾ ملاقات ۾ مون کي پرڏيهي وزارت جي آڇ ڪئي وئي هئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اڄ انتهائي اهم بلز پاس ڪيا ويا. پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ ۽ وائٽ لسٽ ۾ آڻڻ اسان جو عزم آهي. هن چيو ته ڀارت اسان کي بليڪ لسٽ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ته جيئن اسان تي پابنديون لڳن ۽ پاڪستان مشڪلاتن جو شڪار ٿئي، ان صورتحال کي سامهون رکندي اسان کي ٽائيم بارڊ بلز تي قانونسازي ڪرڻ گهربل هئي ته جيئن اسان جي رپورٽ ايشيا پيسفڪ گروپ ڏانهن موڪلي سگهجي ۽ اڳتي پليمنري اجلاس ۾ پيش ڪري سگهجي. اسان مخالف ڌر ان قانونسازي جي دعوت ڏني پر هن ان کي نيب قانون جي ترميم سان مشروط ڪيو. اسان انهن کي مسودو پيش ڪيو جيڪو انهن کي پسند نه آيو جيڪو انهن مسودو پيش ڪيو ان ۾ هنن 34 ترميمن جو مطالبو ڪيو.