اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي عيدالاضحيٰ سادگي سان م??هائڻ ج?? اپيل ڪندي ان م??قعي تي ايس او پيز تي عملدرآمد تي زورڏنو آهي. عيدالاضحيٰ تي لاپرواهي سان ڪورونا پکڙجڻ جو خدشو آهي، اسان انهن م??ڪن ۾ شامل آهيون جتي ڪورونا جي وبا جي شدت گهٽ ٿي رهي آه??، جيڪڏهن اسان احتياط ڪنداسين ته دنيا جي مقابلي ۾ ان مشڪل صورتحال ۾ بهتر انداز سان نڪرنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر ۾ آئسوليشن اسپتال ۽ وبائي مرض?? جي علاج جي جديد مرڪز جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان م??قعي تي منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، چين جو پاڪستان ۾ مقرر سفير ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائو?? جي مشڪل صورتحال جي باوجود ٿوري مدي ۾ جديد اسپتال ٺاهڻ تي اين ڊي ايم اي کي پ??ري قوم طرفان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ان اسپتال ۾ بيڊز، عملي سميت سموريون جديد سهولتون م??جود آهن.