مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم ت?? اٿارينداسين، م??دي ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جو تڪبر وارو فيصلو ڪري بري طرح ڦاسي چڪو آهي، سندس اهو قدم ڪشمير جي آزادي تي ختم ٿيندو، عالمي ميڊيا ۽ اولهه سميت سڄي دنيا هاڻي ڪشمير تي ڳالهه ڪري ٿي، ڪشمير جي مسئلي کي 5 آگسٽ کانپوءِ جهڙي طرح آثاريو هو ڌرڻي ۽ ڪوويڊ 19 جي ڪري 6 مهينن کان اهو مسئلو پٺتي هليو ويو، هاڻي ان کي ٻيهر ڀرپور انداز ۾ اٿارڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، سيد علي گيلاني کي ان جي ثابت قدمي تي 14 آگسٽ تي نشان پاڪستان ڏنو ويندو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عم??ان خان چيو ته مون تمام وڏي دلچسپي سان ڳالهه ٻڌي، پاڪستان ۾ جيڪو پوٽينشل آهي دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي هجي، ان جو پاڻ پاڪستانين کي اندازو نه آهي، اسان کي ان جي خبر آهي اهو ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ دنيا پاڪستان جو مثال ڏيندي هئي، ان بابت چيو ويندو هو ته ايشيا جو ڪيليفورنيا بڻجڻ وڃي رهيو آهي، پوءِ بدقسمتي ٿي جو پاڪستان پٺتي هليو ويو. هن چيو ته اها دنيا جي تاريخ آهي ته جيڪو به پنهنجي منزل تان هٽي وڃي اهو پٺتي هلي وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي ڳالهين مان مون کي مايوسي محسوس ٿي، ان جي ڳالهين مان لڳو ته هو اندر کان هاريل آهي جڏهن ته منهنجي سوچ ان کان مختلف آهي، ڪشميرين کي الله پاڪ اهڙي دور مان گذاري رهيو آهي جو هاڻي ڪشميري آزاد ٿيندا، 5 آگسٽ 2019ع جو م??دي جو قدم ت??ام وڏي غلطي آهي، م??دي جي 5 آگسٽ جي فيصلي جي پٺيان ڪيترا ئي سبب آهن، هو پاڪستان جي خلاف نفرت پکيڙي رهيو هو، پلواما جي واقعي کي اڇالي پاڪستان کي سبق سيکارڻ جي ڳالهه ڪئي، ڪشمير جي خاص حيثيت جو خاتمو م??دي جي منشور ۾ شامل هو، چونڊن ۾ ملندڙ وڏي ??ڪث??يت جي ڪري م??دي 5 آگسٽ جو قدم کنيو، ان جي ان قدم کي هندو ڪميونٽي ۾ پذيرائي به ملي، م??دي کي اميد هئي ته ان قدم ت?? پاڪستان خاموش رهندو ڇو ته اسان انهن کي چيو هو ته جيڪڏهن هو هڪ قدم اڳتي وڌائيندا ته اسان ٻه قدم اڳتي وڌائينداسين، ٻنهي ملڪن جي خوشحالي جي لاءِ ڪشمير جو مسئلو ڳالهه ٻولهه سان حل ڪرڻ جي اسان ڳالهه ڪئي، ڪشمير ۾ ظلم اڳ ۾ ئي هو، اتي پيلٽ گنز جو استعمال ٿي رهيو هو جڏهن ته موثر آواز نه اٿارڻ جي ڪري دنيا ان کان آگاهه نه هئي، 5 آگسٽ جو ڀارتي قدم تڪبر وارو هو، هو سمجهندو هو ته ڀارت وڏي مارڪيٽ آهي ان لاءِ دنيا خاموش ويهي رهندي، اولهه چين جي مقابلي ۾ ڀارت کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت جي اها سوچ به هئي ته 8 لک هٿياربند فوج جي ظلمن ڪشميري قيادت جي نظربندي ۽ نوجوانن کي گم ڪري ڪشمير ۾ دهشت پکڙجي ويندي ۽ هو آ??اني سان اتان جي ڊيموگرافي تبديل ڪري ڇڏيندو، آر ايس ايس جي ماڻهن کي هتي آباد ڪنداسين ته ڪشميري هٿ کڻي ڇڏيندا جڏهن ته ڀارت اسٽريٽجڪ غلطي ڪئي آهي.